ڪامريڊ جماالدين بخاري جو سياسي سفر ۽ ڪميونسٽ تحريڪ
يوڪرين تي روس جي حملي عالمي سياست کي نئون موڙ ڏنو آهي. ان حملي کي دنيا ۾ سٺي نظر سان نه پيو ڏٺو وڃي، پر ان اها ڳالهه سامهون آندي آهي ته 1980ع واري ڏهاڪي جي پڇاڙڪن ڏينھن ۾ جڏهن ڪميونسٽ سوويت يونين ٽٽڻ لڳو ته ان کانپوءِ عالمي سياست ۽ معيشت هڪ قطبي محور تي هلي وئي ۽ اهو محور هو آمريڪا، جيڪو دنيا جي سرمائيدار ملڪن توڙي سرمائيداراڻي ڪمپنين جو لٺ سردار هو. سرمائيداري تضادن سان ڀريل نظام آهي، ان ڪري سوويت يونين ٽٽڻ جي ڏهاڪو کن سالن اندر عالمي سياست توڙي معيشت ۾ نئين ڇڪتاڻ شروع ٿي. اها گهڻ طبقي محورن ڏي وڃڻ لڳي. مختلف خطن ۾ نوان محور جڙڻ لڳا پر ان کان اڳي جڏهن ٻي عالمي جنگ ڇڙي، هڪ ٻئي جي وڏن دشمنن سرمائيداري نظام ۽ ڪميونسٽ نظام کي ان نقطي تي گڏ بيهاريو ته فاشزم انسان ذات ۽ دنيا لاءِ هاڃيڪار آهي ان ڪري ٻنهي نظامن جي سرواڻي ڪندڙ ڌرين سوويت يونين ۽ آمريڪا توڙي يورپ گڏجي “جيئو ۽ جيئڻ ڏيو” جو ٺاهه ڪندي جنگ ختم ڪئي ۽ ٺاهه ڪري گڏيل قومن جو ادارو جوڙيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته سرمائيدار ملڪن جي هڪٻئي سان روايتي جنگ ته ختم ٿي پر هڪ نئين جنگ جنهن کي تاريخ ۾ سرد جنگ سڏيو وڃي ٿو، جنم ورتو.
ان سرد جنگ دوران قومي آزادي جون تحريڪون به اٿيون ۽ ڪيئي ڊزن قومن سامراج جي بيٺڪي نظام کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري آزادي ماڻي. ان دور ۾ ڪڏهن پراڪسي جنگيون به ٿينديون رهيون پر ان کان چار ڏهاڪاکن اڳي، جڏهن دنيا جي سرمائيدار ملڪن پرائي مال جي حصي پتي تي پاڻ ۾ جهيڙو ڪيو ۽ پهرين عالمي جنگ لڳي، ان جنگ جي پڄاڻي تي دنيا ۾ هڪ نئون نظام سوشلزم نظريو آيو ۽ ڪارل مارڪس جي ڪميونزم واري نظرئي کي عملي جامو پارائيندي لينن روس ۾ سوشلزم رائج ڪيو ۽ سوويت يونين وجود ۾ آيو. اهڙو نظام جيڪو دنيا جي غريبن، پورهيتن، مظلومن جو خواب هو يا وري وڏن وڏن فيلسوفن جو تصور هو. دنيا گذريل هڪ صدي دوران جيتري سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ ترقي ڪئي اوتري سماجي سائنسز ۾ به تبديلي آئي آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته سماجي علمن ۾ ترقي اڃا تائين عام ماڻهو جي سمجهه ۽ پهچ تائين نه اچي سگهي آهي، جيتري سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ ترقي ٿي آهي.
دنيا ۾ ايندڙ سماجي توڙي سائنسي علمن جي ترقي ۽ تبديلي جو مشاهدو ڪرڻ ۽ ان تجربي مان گذرڻ ڪن ڪن ماڻهن جي حصي ۾ ايندو آهي. اڄ اسين هڪ اهڙي ئي شخصيت جو بيان ڪرڻ ڏي وڃون پيا، جنهن جي دور ۾ دنيا ۾ پهريون سوشلسٽ ملڪ سوويت يونين ٺهيو. تڏهن چوطرف سوشلزم جو چوٻول ۽ چرپر هئي، اهو هو ڪامريڊ جمال الدين بخاري. مون جڏهن ڪامريڊ بخاري جي زندگي بابت حال احوال پڙهيو ۽ ٻڌو، ته مون کي لڳو ته هن جي طبيعت به ڪنهن ٿري ماڻهو وانگر آهي، جيڪو ٻڌل ڳالهه تي ويساهه ڪرڻ کان اڳ ان کي پنهنجي اکين يا وري هٿ لائي ڏسڻ چاهيندو آهي. هن به جڏهن ٻڌو ته روس ۾ سوشلسٽ انقلاب آيو آهي ته هو ان کي ڏسڻ لاءِ پنڌ پيو. افغانستان کان ٿيندو وچ ايشيا جي رياستن تائين شايد اڃا به اڳتي وچ سوويت يونين تائين پهتو. اتي پهچي هن پنهنجي اکين سان گهڻو ڪجهه ڏٺو.حالتن کي جانچيائين، ماڻهن سان ڳالهايائين، وڏي ڳالهه ته ان سفر جو ڳچ حصو هن واپارين توڙي ٻي سنگت سان گڏجي پيرين پنڌ ڪيو.
جمال الدين بخاري رڳو تصوير جو هڪ رخ ڪونه ڏٺو. هن سامونڊي جهاز ۾ نوڪري ڪري دنيا جا سرمائيداري ملڪ ۽ انهن جا مکيه شهر به ڏٺا. پڪ لڳي ٿي ته هن ٻنهي نظامن جي ڀيٽ به ڪئي آهي ۽ ان جي چڱائين ۽ اوڻاين کي جانچيو ۽ پرکيو. ان ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته هو ڪو ڪتابي ڪامريڊ هو. بلڪه ٻين جو ڪم ۽ عمل کي پرکڻ بعد هن ننڍي کنڊ ۾ سوشلسٽ انقلاب آڻڻ ۽ منظم طريقي جي واٽ ورتي. حالانڪه ان کان اڳ وارن ڏينهن ۾ به سندس پورهيتن جي حقن لاءِ جاکوڙ ڪرڻ جا واقعا ملن ٿا. پر هڪ ملڪ گير نيٽ ورڪ ۽ تنظيم جو حصو بڻجڻ سياسي طور ڪيترو اثرائتو هوندو آهي، اهو هن پوءِ اختيار ڪيو.
1900ع ۾ جنم وٺندڙ جمال الدين بخاري علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ ۾ پڙهيو. مولانا محمد علي جوهر جهڙن آزادي پسندن ۽ مولانا حسرت موهاني جهڙن “سرخ مولوين” جي اثر هيٺ رهيو. انگريز سامراج جي بيٺڪي قبضي هيٺ آيل ننڍي کنڊ ۾ 1920ع واري ڏهاڪي کان 1940ع تائين ٿيندڙ مزدورن ۽ هارين جي تحريڪن سان سلهاڙيل رهيو. ساڳئي وقت ان دور ۾ٿيندڙ ڪميونسٽن جي ڪانفرنسن ۾ ڀرپور طريقي سان شرڪت ڪندو رهيو، تان جو وڃي باقاعده ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا جي تنظيمي ڍانچي جو اهم حصو بڻيو. ان سموري جدوجهد دوران ڪڏهن ريل ۾ ته ڪڏهن جيل ۾ وقت گذريو. روپوشي، جيل، سختيون، پنڌ ته هونئن ئي سڄي دنيا جي ڪميونسٽن جي واٽ ۽ سڃاڻپ رهي آهي. ڪامريڊ بخاري پنهنجي زندگي ۾ 18 جيل ڏٺا ۽ 21 سال قيد گذاريو.
1917ع ۾ سوويت يونين ۾ انقلاب بعد ننڍي کنڊ ۾ ڪميونسٽن خلاف سختيون ۽ ڪارروايون شروع ٿيون. 1921ع ۾ پشاور سازش ڪيس، 1924ع ۾ ڪانپور سازش ڪيس، 1929ع ۾ ميرٺ سازش ڪيس ٺهيا.انگريز سرڪار ڪوشش ڪري انهن ڪيسن ۾ مثالي سزائون ۽ سختيون ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. اهي پابنديون قيد ۽ سختيون هڪ پاسي هيون ته وري پارٽي جي مرڪزي تنظيم سازي، مزدور، هاري، شاگرد، ادب توڙي نظرياتي محاذن تي ڪم جاري رکڻ ۽ بدلجندڙ حالتن ۾ پاليسيون ۽ حڪمت عمليون ٺاهڻ اوترو ئي اهم هو. آزادي کان اڳ ڪميونسٽن ۾ مختلف لاڙا هلندڙ هئا، هڪ اهو ته پهرين انگريزن کان آزادي وٺجي، ان بعد انقلاب کي اڳتي وڌائجي. اهو نعرو ڪميونسٽن کي گانڌي ۽ نهرو جي اڳواڻي ۾ هلندڙ انڊين نيشنل ڪانگريس جي گهڻو ويجهو وٺي ويو.
نتيجي ۾ هڪ پورو دور رهيو آهي، جڏهن پارٽي متحده محاذ واري پاليسي تي هلندي رهي، جنهن ۾ ڪانگريس اندر رهي ڪم ڪرڻ شامل هو. ٻيو لاڙو سڀاش چندربوس جو هو. جنهن انگريزن مان جان ڇڏائڻ لاءِ هٿياربند ويڙهه ۽ برطانيا جي ڪنهن مخالف ملڪ جي مدد وٺڻ شامل هو. پر سڀاش چندر بوس جي هن خيال کي ڪميونسٽن اندر پذيرائي نه ملي سگهي. خود اهو سوال به اهم رهيو ته سڌي طرح سان ڪميونسٽ پارٽي جي نالي سان ڪم ڪجي؟ وري ان کي لڪائي مزدور ڪسان پارٽي ٺاهجي؟ پنج سالن جي لڳ ڀڳ اهڙو دور به رهيو جنهن ۾ مزدور ڪسان پارٽي جي نالي سان ڪميونسٽ ڪم ڪندار هيا. هتي اها ڳالهه اهم آهي ته اهي پارٽيون باقاعدي ۽ سڌي طرح ڪنهن مرڪزي قيادت جي ماتحت نه هيون. بلڪه پنهنجي پنهنجي علائقي يا صوبي ۾ هيون. گڏيل طور تي سال ۾ هڪ اڌ دفعو آل انڊيا ڪانفرنس ڪري پاليسيون ۽ حڪمت عمليون جوڙي وٺنديون هيون.
ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا کي ٻه مرحلا ڏاڍا ڏکيا به آيا. پهريون مرحلو 1939ع ۾ ٻي عالمي جنگ جو ڇڙڻ هو. جنهن کي سڄي دنيا جي ڪميونسٽن وانگر ننڍي کنڊ جي ڪميونسٽن به سامراجي ملڪن جي پاڻ ۾ لڙائي سڏيو پر جڏهن 1941ع ۾ هٽلر جي فوجن سوويت يونين تي حملو ڪيو ته ڪميونسٽن انهي جنگ کي “عوامي جنگ” سڏيو ۽ سوويت يونين هٽلر جي مخالف يورپي اتحادين سان شامل ٿيو. پارٽي کي اها لائين عوام ۾ مقبول بنائڻ ۾ ڏکيائي ٿي. ٻي ڏکيائي پاڪستان جو سوال هو. 1940ع ڌاري پارٽي اهو موقف اختيار ڪيو ته انڊيا گهڻ قومي ملڪ آهي، جنهن ۾ ڪيئي قومون رهن ٿيون. پر مسلم ليگ لاهور واري اجلاس ۾ مسلم اڪثريتي زون جي لاءِ مڪمل آزادي جو مطالبو ڪيو، جيڪو آزاد رياستن تي ٻڌل هجي. اتي پارٽي جي جنرل سيڪريٽري اڌيڪاري مسلم قوميتن جي ڳالهه ڪئي ته “جيڪڏهن اسين ترقي پسند جوهر جي نظر سان ڏسون ته در حقيقت پنجاب، پٺاڻ، سنڌ، بلوچستان ۽ بنگال وارن صوبن جي مسلم قوميتن جي علائقن جي خوداراديت ۽ عليحدگي جو مطالبو آهي” هي هيون اهي حالتون ۽ سياسي حڪمت عملي ۽ پاليسيون جنهن جو ڪامريڊ جمال الدين بخاري نه رڳو مشاهدو ڪيو بلڪه ان سڄي تجربي مان گذريو ۽ ان جو حصو به بڻيو. 1949ع ڌاري سندس پارٽي کان دوري جو عمل شروع ٿيو، اها دوري آخر تائين رهي. پارٽي کان دوري جي باوجود هن پنهنجي پر جدوجهد جاري رکي ۽ هو ڪراچي مان لڏي لاڙڪاڻي ۾ اچي آباد ٿيو ۽ اتي رهي ڪري پنهنجي علم، دانش ۽ عمل ذريعي نوجواني ۾ شروع ڪيل سياسي سفر جاري رکيو.
Pahenji AKhbar
March 14, 2022
Comrade Jamaluddin Bukhari and Communist Movement by Sohail Sangi