Friday, October 2, 2015

سنڌ ۾ پ پ خلاف اليڪشني اتحاد ۽ ٽرين مارچ : سهيل سانگي

سنڌ ۾ پ پ خلاف اليڪشني اتحاد ۽ ٽرين مارچ
Kawish March 1, 2013
سهيل سانگي
سپريم ڪورٽ پختي عزم جو اظهار ڪري رهي آهي، ته چونڊون هر حال ۾ ٿينديون. نواز شريف به چونڊن جي تياريءَ کي آخري شڪل ڏيئي رهيو آهي.کيس پڪ آهي ته هاڻي حڪومت ۾ اچڻ جو سندس وارو آهي، ان ڪري هو هن مقصد لاءِ ڪا به ڪسر نه ڇڏڻ جي موڊ ۾ لڳي ٿو. نواز شريف فڪري لحاظ کان پاڻ کي ساڄي ڌر سان سڃاڻپ ڪرائڻ لاءِ جماعت اسلاميءَ سان گڏ ئي ٻيٺو آهي ۽ ساڳئي وقت ئي طالبان سان ڳالهين لاءِ به زور ڀري رهيو آهي، ائين هن اهو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ملڪ جي پرڏيهي پاليسي ڪهڙي رکڻ گهرجي ٿو ۽ ملڪ اندر ڪهڙي فڪر ۽ نقطءِ نظر جي ترجماني ڪري ٿو.
اليڪشن جي اتحاد لاءِ مرڪزي سطح تي هن مولانا فضل الرحمان سان ٺاهه ڪيو آهي ته جيئن خيبرپختونخوا ۾ سندس پوزيشن بهتر ٿي سگهي ۽ پنجاب ۾ عمران خان، قاف ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي جوڙ توڙ سبب امڪاني نقصان جو پورائو ڪري سگهي. ان سان گڏوگڏ اهو به ته ايندڙ چونڊن دوران ۽ ان کان پوءِ هو پيپلزپارٽي کي هڪ اتحادي کان محروم ڪري سگهي. گذريل ڏيڍ سالن کان نواز شريف جي اهائي ڪوشش رهي آهي ته هو پنهنجي پارٽي کي ملڪ گير پارٽي طور مڃائي. هو اهو ڪم پارٽي جي مخصوص پاليسيءَ ۽ تنظيمي رڪاوٽن يا اهڙي ڪنهن ليڊر شپ جي کوٽ سبب نه ڪري سگهيو. هن اهڙا تجربا سنڌ ۾ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ممتاز ڀٽي کي پارٽي ۾ شامل ڪيائين ۽ ان کان علاوه مارئي ميمڻ عوامي سطح تائين پهتي پر اهو تجربو ڪو گهڻو ڪامياب نه ويو ۽ نه ئي وري ڪنهن ٻئي صوبي ۾ ان تجربي کي دهرائي پيو سگهجي. اهڙي صورت ۾ هن سڄي ملڪ ۾ اتحاد جي سياست شروع ڪئي، بلوچستان ۾ سردار مينگل سان اتحاد ڪيائين، جنهن بعد اسلام آباد ۽ لاهور جي دانشورن اختر مينگل کي وفاق ڏي وڌندڙ آخري هٿ ۽ سندس بيان کي آخري سڏ قرار ڏنو. سنڌ ۾ مختلف ڌرين سان پهرئين مرحلي ۾ ڌار ڌار انڊر اسٽينڊنگ قائم ڪيائين، يعني ڊاڪٽر قادر مگسي، اياز لطيف پليجو، جلال محمود شاهه سان الڳ الڳ ڳالهه ٻولهه ڪيائين. نواز شريف جي اتحادن واري سياست کي جلال محمود ڄاڻي ورتو، هن اهو به سمجهي ورتو ته سنڌ سطح تي اهڙي ڪنهن اتحاد لاءِ ڪنهن اڳواڻ جي ضرورت پوندي. ان ڪري هن ٻين ڌرين کي پاسيرو رکندي، انهن سان صلاح مشوري بنا نواز شريف سان ٺاهه ڪري ورتو. ائين جلال محمود شاهه ٻين قومپرستن جي ڀيٽ ۾ نواز شريف کي وڌيڪ ويجهو ٿي ويو. انهيءَ عرصي دوران مڪاني ادارن واري قانون خلاف تحريڪ هلي ته جلال محمود شاهه ئي سنڌ بچايو ڪميٽي جو سربراهه ٿيو. جلال محمود شاهه جي نواز شريف سان ٺاهه لياقت جتوئي جون مارڪون گهٽائي ڇڏيون، جنهن سمجهيو پئي ته سنڌ ۾ نواز ليگ ۽ ان جا اتحادي سندس ليڊرشپ ۾ اچي ويندا. سيوهڻ واري ننڍي چونڊ ۾ ايس يو پي جي اميدوار خلاف لياقت جتوئي پاران پنهنجي اميدوار کان هٿ نه کڻائڻ جو هڪ سبب اهو به هو ته جلال محمود شاهه جي پوزيشن کي گهٽائي ڏيکاري سگهجي. جڏهن ڳالهه اڳتي وڌي ته فنڪشنل ليگ سنڌ اندر حڪومت مخالف تحريڪ جي اڳواڻيءَ جي دعويدار طور سامهون آئي. ان سنڌ بچايو ڪميٽي ۽ ٻين قوم پرست گروپن کي پنهنجي ڇٽيءَ هيٺ آڻي ڇڏيو. پير پاڳاري جي حڪومت مخالف وهڪري ۾ بيهڻ سان هر ڪو ٻين قومپرست ڌرين يا جلال محمود شاهه بدران ساڻس ئي ڳالهائڻ لڳو. ائين نواز شريف جي ڊاڪٽر قادر مگسي، اياز لطيف پليجي سان ٿيل انڊر اسٽينڊنگ ۽ جلال محمود شاهه سان ٿيل ٺاهه پوئتي رهجي ويا. هاڻي ميدان ۾ پيرپاڳاري جي مهينو کن اڳ رائيونڊ ۾ نواز شريف سان ٿيل ملاقات يا وري تازو ڪنگري هائوس ۾ نواز شريف جي آمد ۽ اتي ٿيل فيصلا اهم بڻجي ويا. ڪنگري هائوس ۾ نواز شريف سان ٿيل ڳالهين جي وري ٻئي ڏينهن تي سنڌ بچايو ڪميٽي جي اجلاس ۾ سڌي يا اڻ سڌيءَ طرح سان توثيق ڪرائي ويئي.
سنڌ اندر نواز شريف جي سياست جي هن ڀيري شروعات قوم پرست ڌرين سان ڳالهين سان ٿئي ٿي، جنهن ۾ انهن ڌرين سنڌ جا مطالبا رکيا ۽ پنجاب ۽ نواز شريف بابت پنهنجي تحفظات کان آگاهه ڪيو ۽ ڪجهه خاطريون ۽ يقين دهانيون به ورتيون. جلال محمود ته باقاعده ڏهه نڪاتي ٺاهه تي صحيحون ڪرايون، جيتوڻيڪ ان ٺاهه کي ڪجهه حلقا بنهه هلڪو سڏي رهيا هئا. ائين سنڌ ۾ سڄي جدوجهد جو رخ پنجاب مخالف يا پنجاب کان ڪجهه وٺڻ بابت هو. ڀلو ٿئي پيپلز پارٽي جو، جنهن ايم ڪيو ايم جي چوڻ تي ٻِٽي مڪاني ادارن وارو تڪراري قانون لاڳو ڪري ڇڏيو ۽ ان تڪراري قانون سنڌ جي وحدت کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو. ان قانون جدوجهد جي رخ ۽ جدوجهد جي اڳواڻي ئي تبديل ڪري ڇڏي. هاڻي جدوجهد جو رخ پنجاب مخالف يا پنجاب کان ڪجهه گهرڻ جي بدران ايم ڪيو ايم خلاف ٿي ويو. نواز شريف هن ڀيري پهرئين ڏينهن کان ايم ڪيو ايم کان وِٿيرڪو رهيو هو، جنهن جي ڪي حلقا اهي تشريح ڪري رهيا هئا ته هو هن ڀيري سنڌ سان ڊيل ڪرڻ چاهي ٿو، ته وري ٻيا حلقا اهو چئي رهيا هئا ته اسيمبليءَ ۾ ايم ڪيو ايم جا ووٽ اسٽئبلٽمينٽ جا ووٽ آهن، ان ڪري انهن ووٽن جو فڪر ناهي، جڏهن اسٽئبلشمينٽ کيس حڪومت ڏيندي، تڏهن اهي ووٽ ڏاج ۾ ملي ويندا. سنڌ جي ڌرين جڏهن ٻِٽي مڪاني نظام خلاف تحريڪ هلائي، ته نواز شريف به انهن ڌرين سان گڏ ٿي بيٺو. ان ڳالهه نواز شريف ۽ پنجاب ٻنهي کي ڪيترن ئي سوالن ۽ خاطرين کان آجو ڪري ڇڏيو. هتي نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته فنڪشنل ليگ سنڌ جو ڪيس ان مهل کنيو آهي، جڏهن اهو معاملو ايم ڪيو ايم ۽ سنڌين جي وچ ۾ تڪراري بڻيو. جيستائين سنڌ پنجاب سان اٽڪيل هئي، تيستائين فنڪشنل ليگ ميدان ۾ نه هئي. سنڌ ۾ اهو سمورو منظر نامو تڪراري مڪاني ادارن جي نظام لاڳو ٿيڻ تان جڙيو هو، جنهن دوران سنڌ جو باقي ايجنڊا گم ٿي ويو هو. هاڻي جڏهن اهو قانون واپس ورتو ويو آهي، تڏهن هن ايجنڊا ۾ عملي طور ڪو گهڻو وزن نه رهيو آهي. ها! اهو ضرور آهي، ته ماڻهن کي شڪ ۽ ڊپ آهي ته متان چونڊن بعد پيپلزپارٽي ايم ڪيو ايم سان جُٽ ٿي، ڪنهن شڪل ۾ اهو نظام ٻيهر نه لاڳو ڪري وجهي. ٻيو اهو ته پيپلز پارٽي بي ڀروسي ٿي ويئي. پيپلز پارٽي ماضي جي تجربن مان اهو سمجهي ٿي ته ان کي سنڌ مان تيستائين نٿو اُکيڙي سگهجي، جيستائين سنڌ جا شهري علائقا ان جي خلاف نٿا ٿي بيهن. 77ع واري پي اين اي جي تحريڪ، بينظير ڀٽو جي ٻنهي حڪومتن جو وڃڻ ۽ ڪجهه ٻيا واقعا اهو ئي ٻڌائين ٿا. اهو ئي سبب آهي جو اها ايم ڪيو ايم مان هٿ ڪڍڻ لاءِ تيار ناهي، هر حال ۾ ان کي پاڻ سان گڏ رکڻ گهري ٿي. پيپلزپارٽي جي سوچ آهي، ته جنهن ڏينهن ايم ڪيو ايم ان جي هٿن مان ويئي، اهو ان جو آخري ڏينهن هوندو. رهيو سوال اليڪشن ۽ سنڌ اندر ووٽ بئنڪ جو، ان کي پيپلزپارٽي ان انداز سان يا سياسي انداز سان نٿي ڏسي، بلڪه ان کي ٺيٺ وڏيرڪي انداز سان ڏسي ٿي، سو ايئن ته فلاڻي وڏيري يا رئيس وٽ هيترا ووٽ آهن، ان کي ”هيئن نه ته هونئن“ پاڻ سان گڏ جوڙي رکيو آهي، باقي ڪجهه ووٽ پارٽي جا آهن، ان ڪري اها سيٽ ڪيڏانهن ڪو نه ويندي. ٻيو ڪو ميدان ۾ ماڻهو ڪونهي، وغيره وغيره.
اهو صحيح آهي ته سنڌ اندر فڪري يا سياسي سطح تي پيپلز پارٽي ڪمزور ٿي آهي، ڇاڪاڻ جو اهي ٻئي حلقا ان جي خلاف آهن، پر عملي طور تي يا اليڪشن جي حوالي سان پيپلزپارٽي اڃا ايتري ڪمزور نه ٿي آهي. نواز شريف پير پاڳارو يا وري انهن سان ڳنڍيل گروپ يا جماعتون عملي طور تي پيپلز پارٽي کي اليڪشن جي حوالي سان ڪٿي به نٿا چُڀن. فنڪشنل ليگ وٽ 6/7 صوبائي اسيمبليءَ جون جنرل سيٽون آهن. سمورو زور لڳائڻ ۽ سياسي وايو منڊل جي تبديلي سبب، ان انگ ۾ هڪ ٻن سيٽن جو اضافو ٿي سگهي ٿو. هڪ ٻن هنڌن تي پيپلزپارٽي کي ڪجهه ڏکيائي ٿي سگهي ٿي، پر مجموعي طور تي سنڌ ۾ سيٽن تي ڪو اثر پوي، سا ڳالهه ٿيندي نظر ڪو نه ٿي اچي.
پڇاڙڪا لفظ: اڄ صبح جو سوير هڪ دوست فون ڪري چيو ته ”سائين سنگت اسلام آباد ٿي وڃي، اچو ته هلون...“ چيو مانس ته،” سنگت کي ڪو ڪم هوندو، ڀلي اهو ڪم لاهي اچي، پاڻ اتي ئي ويٺا آهيون،“ ۽ پوءِ ان همراهه ڳالهه کي بنهه ٽوڙي وڌو ۽ چيائين ته مڪاني ادارن واري قانون خلاف جڏهن سنڌ ٻري پئي، تڏهن ڪراچيءَ ڏي سنگت مارچ نه ڪيو، هاڻي پيپلزپارٽي جي حڪومت جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ اسلام آباد ٽرين مارچ ڪهڙي خوشيءَ ۾ ٿا ڪن؟ مون وٽ سندس ان سوال جو ترت ڪو به جواب نه هو.

No comments:

Post a Comment