Tuesday, July 2, 2019

ڇا هاڻي سياسي ريٽائرمينٽس جو وقت اچي ويو آهي؟

ڇا هاڻي سياسي ريٽائرمينٽس جو وقت اچي ويو آهي؟: ڇا هاڻي سياسي ريٽائرمينٽس جو وقت اچي ويو آهي؟








اها ڳالهه پوءِ سمجهه ۾ آئي ته اپوزيشن بجيٽ نامنظور ڪرائڻ جي جيڪا هام هنئي هئي، سا غالب جي هن شعر وانگر نڪتي: “بهت شور سنتي ٿي پهلو مين دل ڪا، جو چيرا تو اک قطرهءِ خون نڪلا”. اوچتو ماٺار ٿي ويئي. فنانس بل 176 ميمبرن جي اڪثريت ۽ 146 ووٽن جي مخالفت سان پاس ٿي ويو. جمعي واري ڏينهن تي ٽي بريڪنگ نيوز هيون. پهرين اها ته آرمي چيف سول حڪومت سان گڏ بيهڻ جو اعلان ڪيو ته ملڪي معيشت کي مشڪل حالتن مان ڪڍڻ سڀني جي ذميواري آهي، فوج به ان معاملي ۾ حڪومت سان گڏ بيٺي آهي. ٻيو اهو ته بجيٽ پاس ٿي ويئي. ٽئين خبر اها هئي ته مفاهمت جي ماهر آصف علي زرداري سياست مان ريٽائر ٿيڻ جو اشارو ڏنو. آرمي چيف جي ان موقف ذريعي اها ڳالهه سمجهه ۾ آئي ته اپوزيشن بجيٽ جي خلاف ته ووٽ ڏنو پر جنهن تحريڪ هلائڻ ۽ بجيٽ نامنظور جو نعرو کڻي روڊن تي اچڻ جي ڌمڪي پئي ڏني سا نه ڪري سگهي.


اصل ۾ پاناماليڪس جي فيصلي کانپوءِ فضا ۾ “سياسي وڏن” جي ريٽائرمينٽ جي بوءِ محسوس ٿي رهي هئي. پهرين نواز شريف ان کانپوءِ آصف زرداري کي سوڙهو ڪيو ويو. معاملو ايئن پئي لڳو ته سليڪٽو احتساب ذريعي انهن ٻنهي جماعتن، خاص ڪري ان جي مُک اڳواڻن کي ڪنڊائتو ڪيو پيو وڃي. نواز کي اُٿندي ئي سزا لڳي. پوءِ آصف جو وارو هو. احتساب ۽ ڪرپشن جو بيانيو مقبوليت ماڻي چڪو هو. پاڻ تي ديوار ڪرڻ کان بچڻ لاءِ آصف زرداري گذريل سال کان اڳ ئي سياست شروع ڪئي.

اڳوڻي صدر آصف زرداري صادق سنجراڻي کي چيئرمين سينيٽ چونڊائڻ مهل دعويٰ ڪئي ته ايندڙ وزيراعظم اسان جو هوندو. هي اشارو هو ته پيپلزپارٽي ۽ تحريڪ انصاف گڏجي سينيٽ چيئرمين چونڊي سگهن ٿيون ته حڪومت ۾ به گڏ ويهي سگهن ٿيون. ان ڪري سياست مان “مائنس ٿري” نه پر “مائنس ٽو” ٿيندا، يعني الطاف حسين ۽ نواز شريف. پر تحريڪ انصاف جي سربراهه وري مائنس زرداري جي صورت ۾ پيپلزپارٽي سان گڏ سياسي سفر جو اشارو ڏنو.

زرداري شروع وارن ڏينهن ۾ نواز ليگ جي خلاف اسٽيبلشمينٽ جو ساٿ ڏنو. عمران خان ۽ علامه طاهر القادري سان ٺهي هلڻ جي ڪوشش ڪئي. بلوچستان ۾ حڪومت ٽوڙڻ، عبدالقدوس بزنجو کي وڏو وزير بڻائڻ ۽ سينيٽ ۾ ان جي چيئرمين جي چونڊ لاءِ اسٽيبلشمينٽ سان گڏ بيٺو رهيو. کيس اهو باور ڪرايو ويو ته عمران خان بطور وزيراعظم اسٽيبلشمينٽ لاءِ ايترو گهڻو پسنديده ناهي ان ڪري پيپلزپارٽي کي هڪ دفعو وري حڪومت ۾ اچڻ جو موقعو ملي سگهي ٿو يا وري اقتدار ۾ شراڪت لاءِ وڏو رول ملي ويندو. هي اهو کيل هو جيڪو جنرل ضياءُ ڀٽي کي ڦاهي چاڙهڻ مهل کيڏيو. پيرپاڳاري، جتوئي ۽ ڪجهه ٻين سياستدانن کي وزيراعظم بڻائڻ جا آسرا ڏنا. جڏهن معاملا ڦٽڻ لڳا ته آصف زرداري ايندڙ سيٽ اپ ۾ پنهنجي سرواڻي واري رول تان هٿ کڻي ويو جو ڳالهه ايئن نه پئي بيٺي ۽ چيائين ته پيپلزپارٽي اپوزيشن ۾ ويهڻ لاءِ تيار آهي. يعني پي پي ايندڙ سيٽ اپ ۽ گيم کان بنهه آئوٽ نه هوندي.

ڪجهه مهينا اڳ پيپلزپارٽي جي مُکَ “ٽن سالن جي مدت” وارن همراهن جو ذڪر ڪيو هو. چيو هو ته مقرر مدت وارا اچڻا وڃڻا آهن. ميدان ۾ رڳو سياستدان ئي مستقل آهن. هو ان کان اڳ به اهڙيون ڳالهيون ڪندو رهيو آهي. لڳي ٿو ته ڪن فورمن ۾ اها ڳالهه ئي هجي، پر کيس اهڙو نياپو ضرور ملي ويو. سرڪاري ادارن ۾ اعليٰ عهدن تي ويٺل سمجهن ٿا ته هر ڪو مقرر مدت بعد ريٽائر ٿئي ٿو، ان جي اتي ڪا مزاحمت به نٿي ٿئي، پوءِ سياستدان ڇو تاحيات عهدن تي رهن. اهڙي طرح اهو آپشن به ميچوئر ڪري ڳالهه هُلائي وئي ته نواز شريف ۽ آصف زرداري ٻنهي سياست گهڻي ئي ڪئي، هاڻي گهر ويهي الله الله ڪن، پنهنجون سياسي بادشاهتون کڻي اولاد جي حوالي ڪن. خيال اهو هو ته اهي جيڪڏهن “مشوري“ تي عمل ڪندي رضاڪاراڻا طور سياست مان هٿ نٿا ڪڍن ته پوءِ کين ڌڪي ان جاءِ تي بيهاريو وڃي جو انهن لاءِ ريٽائرمينٽ بنا ٻيو ڪو آپشن ئي نه هجي. ٻنهي خلاف ڪرپشن ۽ احتساب جو مقبول ۽ ڇتو هٿيار استعمال ڪيو ويو. انهيءَ نئين منظر نامي جو ذڪر جماعت اسلامي جو سربراهه مولانا سراج الحق گهڻو اڳ ڪري چڪو هو ته “نواز ليگ، پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم ٽيئي ناڪام ٿي چڪيون آهن.” الطاف گهڻو اڳ لوڌجي ويو. ٻن ڪيسن ۾ سزا بعد نواز ليگ به “مائنس ون” ٿي وئي. باقي پيپلزپارٽي رهيل هئي، ان خلاف ڪارروائي هلي رهي آهي.

جڏهن پيپلزپارٽي کي پڪ ٿي وئي ته مني لانڊرنگ ڪيس پچي راس ٿي ويو آهي، ڪيڏي مهل به نيب زرداري ۾ هٿ وجهي سگهي ٿي، تڏهن ان کان بچڻ لاءِ ٻه ستايل پارٽيون نواز ليگ ۽ پيپلزپارٽي هڪٻئي جي ويجهو ٿيون (بلاول جي نواز شريف سان ملاقات ۽ سياستدانن لاءِ افطار پارٽي) ته ڪهڙي طرح حڪومت تي دٻاءَ وجهي سگهجي ٿو پر تيستائين گهڻي دير ٿي چڪي هئي. اهو ڪم ڇهه اٺ مهينا اڳ ٿيڻ گهربو هو. هاڻي جڏهن آصف زرداري گرفتار ٿيو ته ٻئي پارٽيون هڪ جهڙيون ٿي ويون، ٻنهي جا ٻه وڏا جيل ۾ آهن ۽ عملي طرح غير فعال. اها ڳالهه انهن کي ميدان مان آئوٽ ڪرڻ ڏي وٺي وڃي رهي آهي. ڇا پيپلزپارٽي کي آصف زرداري جي ريٽائرمينٽ جو صدمو سَهڻو پوندو؟ عملي طرح نواز ليگ ۽ پيپلزپارٽي ٻئي مجبور آهن ته نواز شريف ۽ آصف زرداري جي گرفتاري بعد پنهنجي نوجوان نسل کي اڳيان آڻين. اها صورتحال عملي طرح ٻنهي اڳواڻن جي ريٽائرمينٽ واري ئي آهي.

بجيٽ جي حوالي سان ڪل جماعتي ڪانفرنس ٿي پر اها به هلندڙ سال نومبر واري تبديلي جي آسري تي ڪو ٺوس فيصلو نه ڪري سگهي. ايتري ۾ وڏين پارٽين کي بجيٽ خلاف رستن تي نه اچڻ جو نياپو مليو. آصف زرداري ترپ ڪارڊ ڪڍيو ته آئون سياست تان ريٽائر ٿو ڪريان. حالانڪه هفتو کن اڳ زرداري چئي چڪو هو ته “صاحب هم اتني ڀي ڪمزور نهين” هاڻ هو چوي ٿو ته “مون سياست تان ريٽائر ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. مون کي پنهنجي ٻنين تي آرام ڪرڻو آهي، منهنجو وقت سياسي محاذ تي کيڏڻ جو نه پر پوٽن ۽ پوٽين کي کيڏائڻ جو آهي، سياست جي محاذ تي بلاول کي پوري گرفت آهي.” زرداريءَ جي ان ڳالهه جون ٻه معنائون نڪرن ٿيون. هڪ اها “هلو سائين اسين ته ريٽائر ٿيون ٿا، هاڻي جنهن جنهن جي مدت پوري پئي ٿئي سو به ريٽائر ٿئي ۽ پنهنجي عهدي جي مدت ۾ واڌ نه وٺي.” ٻيو اهو ته اهم اداري جي سربراهه جي مدت ۾ واڌ جو اصولي فيصلو ٿي ويو آهي. زرداري سمجهي ٿو ته هاڻي ڳالهه ڊگهي ٿي وئي آهي، ان ڪري ريٽائرمينٽ واري فيصلي کي قبول ڪجي ۽ ڏسجي ته واڳ ڌڻين وٽ ٻيو ڪهڙو ڪارڊ آهي.هتي اهم ڳالهه اها به آهي ته سسٽم عمران خان جي حمايت پيو ڪري. يعني ادارا يا ان تي ويٺل ماڻهو عمران خان سان بيٺا آهن. ان ڳالهه کي ڪي ڌريون مثبت سڏي رهيون آهن پر ٻه سوال پنهنجي جاءِ تي آهن ته ادارن جي سپورٽ باوجود حڪومت جي ڪارڪردگي اهڙي ناهي. ٻيو اهو ته اهڙي ڪارڪردگي سان اهي ڌريون عمران حڪومت کي ڪيترا ڏينهن سپورٽ ڪنديون؟ ضرري ناهي ته حڪومت کي سدائين ادارن جي سپورٽ ملي، ادارن جي سوچ به تبديل ٿي سگهي ٿي.




No comments:

Post a Comment