سينيٽ چونڊون:
سياسي بازار ۾ ٿيندڙ غيرسياسي ”واپار“
اڱارو 03 مارچ 2015ع
سينيٽ جي 52 سيٽن تي ٿيندڙ چونڊ ملڪ جو سياسي وايومنڊل ئي مٽائي ڇڏيو آهي.
ڪٿي نيون ويجهڙايون ۽ دوريون سامهون اچي رهيون آهن، ته وري ڪٿي نوان اتحاد
ٿي رهيا آهن، ڪٿي وري ايندڙ وقت ۾ گڏجي هلڻ جا رستا پڻ نڪري رهيا آهن.
نواز ليگ ۽ عمران خان جيڪي هڪ ٻئي کي ڏٺي نه سهندا هئا، سي ان ڳالهه تي
متفق ٿي رهيا آهن ته آئين ۾ 22 هين ترميم آڻي اسيمبلي ميمبرن جي وفادارين
مٽائڻ کي روڪيو وڃي، جنهن لاءِ سياسي ٻولي ۾ ”هارس ٽريڊنگ“ جو اصطلاع
استعمال ٿيندو آهي. يعني ڪو اسيمبلي ميمبر پئسن، وزارت، يا ٻئي ڪنهن مالي،
ڪاروباري يا سياسي فائدي خاطر پنهنجي پارٽي جي هدايتن کي اورانگهي ان جي
بيهاريل يا حمايت يافته اميدوار کي ووٽ نه ڏي. اهڙي صورت ۾ پارٽي ان ميمبر
خلاف اها ڪارروائي ڪري سگهي ٿي ته پارٽي کان بغاوت ڪرڻ جي الزام ۾ شوڪاز
نوٽيس ڏيندي، اليڪشن ڪميشن کي درخواست ڏئي سگهي ٿي ته ان جي اسيمبلي
ميمبرشپ رد ڪري، ڇاڪاڻ جو ان پارٽي ۽ ووٽرن سان دوکو ڪيو آهي. ووٽرن ۽
پارٽي سان دوکو ڪرڻ پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ عام رواجي لڳي ٿو، پر جمهوري ملڪن ۾
هي وڏو اخلاقي، سياسي ۽ قانوني ڏوهه آهي. پاڪستان ۾ 50ع واري ڏهاڪي ۾ رات
وچ ۾ پارٽيون ٺهيون ۽ رات وچ ۾ حڪومتون به ڊٺيون.
ويجهي ماضي ۾ هارس ٽريڊنگ جو اصطلاح بينظير ڀٽو خلاف 90ع واري ڏهاڪي ۾ بي
اعتمادي واري رٿ آڻڻ جي موقعي تي سامهون آيو، ان جو نتيجو ڇا نڪتو سو به
سڀني ڏٺو. هن ڀيري وارين سينيٽ جي چونڊن ۾ ڏٺو وڃي ته هارس ٽريڊنگ جو خطرو
خيبر پختونخوا ۾ گهڻو آهي، جتي نواز ليگ ۽ تحريڪ انصاف کي ڊپ آهي ته سندن
ميمبر ٽُٽي نه وڃن. اهو صحيح آهي ته ميڊيا ۾ هارس ٽريڊنگ جي هائيپ پيدا ٿيل
آهي، پر سنڌ ۽ وڏي حد تائين پنجاب ۾ اهڙي به صورتحال نظر نٿي اچي.
سنڌ ۾
هارس ٽريڊنگ جي بدران مفاهمت جو سڪو هليو ۽ ان جي نتيجي ۾ پ پ ۽ ايم ڪيو
ايم جا 2-2 سينيٽر بنا مقابلي چونڊجي آيا. هتي فنڪشنل ليگ وغيره ٽئين ڌر
طور اڀري نه سگهي، نتيجي ۾ ڪراچي ۾ هارس ٽريڊنگ اسٽاڪ مارڪيٽ جا اگهه ڄڻ
ڪري پيا ۽ ڪجهه ايم پي ايز جي آسن اميدن تي پاڻي ڦري ويو. ها اهو ضرور ٿيو،
جو سنڌ ۾ اڪثريتي پارٽي جي سربراهه صوبائي حڪومت کي هدايت ڪئي ته انهن ايم
پي ايز کي عزت به ڏني وڃي ۽ سندن سار به لڌي وڃي.
پنجاب ۾ به نواز ليگ لاءِ
ڪا خراب صورتحال ڪونهي، ڇاڪاڻ جو اتي تحريڪ انصاف ۽ نواز ليگ آهن. پيپلز
پارٽي پنهنجي ڪجهه ايم پي ايز هجڻ جي باوجود اتي ڪا هٿ چراند ڪرڻ چاهي ڪو
نه ٿي، ڇاڪاڻ جو نواز ليگ به سنڌ ۾ پيپلز پارٽي کي فري هينڊ ڏنو هو ۽ اتي
ٽئين ڌر طور سامهون نه آئي. ها اهو ضرور آهي ته نواز ليگ جي ايم پي ايز کي
شڪايتون آهن ته کين نوڪريون، ترقياتي رٿائون وغيره نٿيون ملن، يا وري اهو
ته سرائڪي بيلٽ مان نواز ليگ جون سيٽون هجڻ جي باوجود اهو علائقو ڄڻ حڪومت
۾ شامل ئي ناهي. اها صورتحال پارٽي طرفان سينيٽ جون ٽڪيٽون ڏيڻ مهل پڻ نظر
آئي، جنهن ۾ هن بيلٽ کي نظرانداز ڪيو ويو.
سينيٽ جي انهن چونڊن جو باقاعده ڪو حڪومت ٺاهڻ يا ٽوڙڻ ۾ ڪو سڌو رول نه
هوندو آهي، پر اهو هڪ
Equilibrium
آهي، جيڪو ظاهر ڪندو آهي ته اقتدار ۾ ڪهڙيون ڌريون، ڪهڙا طبقا، ڪهڙيون
پارٽيون ۽ ماڻهو شامل آهن، يا وري اهو ته ايندڙ وقت ۾ ڪهڙي قسم جو منظر
نامو بيهي سگهي ٿو. سينيٽ کي جيتوڻيڪ ڪي مالي اختيار حاصل ناهن، پر ان جي
باوجود ان کي قانون سازي جا اختيار آهن ۽ ان جو چيئرمين عملي طرح نائب صدر
هوندو آهي، جيڪو صدر جي غيرموجودگيءَ ۾ قائم مقام صدر ٿي ويندو آهي. نواز
ليگ کي هلندڙ دور ۾ قانون سازي، مختلف اشوز تي بحث وغيره جي معاملي ۾ هڪ
ڏکيائي اها ٿيندي رهي ته قومي اسيمبلي ۾ وڏي اڪثريت جي باوجود سينيٽ ۾ هن
جي واڳ ڄڻ پيپلز پارٽي جي وس ۾ رهي، جتي ان جي اڪثريت رهي ۽ هن ايوان جو
چيئرمين به پيپلز پارٽي جو رهيو، جڏهن ته پيپلز پارٽي سان نواز ليگ جي
ويجهڙائپ جو هڪ سبب اهو به هو. پيپلز پارٽي وري سينيٽ ۾ پنهنجي مضبوط
موجودگي سبب هڪ ته پاڻ کي هروڀرو اقتدار ۾ شامل سمجهندي رهي ته ٻئي طرف
نواز ليگ کي به سمجهائيندي رهي ته ”ٻيلي ڏاها ٿيو“. هن وقت به سينيٽ ۾
اڪثريت رکڻ ۽ ان جي چيئرمين جي ڪري معاملو گهڻو متل آهي.
پيپلز پارٽي هر
طرح سان چاهي ٿي ته سينيٽ جي چيئرميني ان وٽ رهي ۽ اتي جيڪڏهن کيس اڪثريت
حاصل کڻي نٿي به رهي، تڏهن به سندس سنگت پارٽي اتي هجي. آصف علي زرداري جون
ايم ڪيو ايم، جي يو آءِ ۽ اي اين پي کي پاڻ سان گڏ رکڻ ان سلسلي جي ڪڙي
آهن. آصف زرداري ٻه وکون اڳتي وڌي عمران خان سان به هٿ ملائڻ جي ڪوشش ڪئي
ته رحمان ملڪ جنهن کي گذريل ڀيري سنڌ مان پيپلز پارٽي سينيٽ جي سيٽ ڏني
هئي، تنهن کي خيبر پختونخوا مان بيهاريو وڃي ۽ عمران خان ڪجهه ووٽ ڏئي، پر
عمران خان اها آڇ قبول نه ڪئي، ڇاڪاڻ جو عمران خان جي ڳچيءَ ۾ جماعتِ
اسلامي پيل آهي، جيڪا سندن خيبر پختونخوا ۾ اتحادي به آهي، ته وري ان جو
امير مولانا سراج الحق سينيٽ جو اميدوار آهي، پر جماعت وٽ ايترا اسيمبلي ۾
ووٽ ڪو نه آهن، جو پنهنجي ووٽن تي پنهنجي امير کي کٽائي سگهي، ان ڪري هو به
عمران خان ۾ آسرو رکيو ويٺا آهن.
خود عمران خان جي پارٽي اندر ايم پي ايز
جو هڪ حلقو پارٽي جي مرڪزي قيادت جي حڪمت عملين ۽ پنهنجي وڏي وزير جي
پاليسين کان بيزار آهي ۽ پارٽي اندر فارورڊ بلاڪ جڙڻ جي عمل ۾ آهي. خيبر
پختونخوا ۾ جتي پيپلز پارٽي، جماعت اسلامي، جي يو آءِ، عمران خان جي ايم پي
ايز ۾ اکيون وجهيون ويٺيون آهن، اهڙي طرح ڪجهه پئسي وارا پٺاڻ به پنهنجي
آزاد حيثيت ۾ اميدوار آهن. خود نواز ليگ لاءِ به سموري ڏکيائي خيبر
پختونخوا ۾ آهي، جتي هڪ کان وڌيڪ ڌريون ميدان ۾ آهن. انهن مان ڪن وٽ پئسو
آهي ته ڪن وٽ وري اقتدار. مولانا فضل الرحمان خوش آهي ته پي ٽي آءِ جا ايم
پي ايز ڊفيڪشن ڪن، ائين ڪرڻ جي صورت ۾ هو ٽن چئن ڌرين کي ملائي صوبي ۾
حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ اچي سگهي ٿو، سو مولانا صاحب جي لاءِ سينيٽ جون
سيٽون بنهه گهڻيون اهم هجڻ بدران پي ٽي آءِ اندر ڀڃ ڊاهه وڌيڪ ڪارائتي آهي.
پيپلز پارٽي، جي يو آءِ ۽ هاڻي اي اين پي وفاداريون تبديل ڪرڻ واري آئيني
ترميم جي حق ۾ ناهن، ڇاڪاڻ جو انهن مان هڪڙي ڌر کي سينيٽ ۾ مٿڀرائپ کپي، ٻي
ڌر کي خيبر پختونخوا ۾ حڪومت ۽ پي ٽي آءِ کي کاٽ گهربل آهي. عمران خان جيڪو
ڪرڪيٽ يا ڌرڻن جي سياست ڪندو رهيو آهي، ان لاءِ ڀڃ ڊاهه ۽ ”گهوڙا وڪڻڻ“
واري ۽ ڊرائنگ روم سياست بنهه نئين آهي. هو ان صورتحال کي ڪيئن منهن ڏيندو؟
ڪيئن پنهنجي صوبائي حڪومت، پارٽي ۽ عزت بچائيندو؟ سو هڪ وڏو سوال آهي.
اسيمبلي ميمبرن طرفان وفاداريون تبديل ڪرڻ خلاف قانون جمهوري پس منظر ۾
مثبت ڳالهه آهي. مشرف ۽ ارباب دور ۾ پيپلز پارٽي جي ڪجهه خواتين ۽ مرد سنڌ
اسيمبلي جي ميمبرن تي به هارس ٽريڊنگ جا الزام لڳا هئا. 90ع واري ڏهاڪي ۾
به پيپلز پارٽي کي اهڙي قسم جي ڏکيائي ٿي هئي. اها ساڳئي صورتحال سڀاڻي وري
به اچي سگهي ٿي. اڄ وقتي طور کڻي ڪنهن پارٽي کي اها ترميم سياسي فائدو نه
ڏئي رهي آهي، پر ڊگهي پنڌ ۾ ۽ جمهوري نظام جي لاءِ اها ترميم ڏاڍي اهم آهي.
جيڪڏهن پيپلز پارٽي اڄ هن ترميم جي حمايت نٿي ڪري ته سڀاڻي کيس پڇتائڻو
پوندو. هر حڪومت کي ڪو نه ڪو مسئلو ڳچيءَ ۾ پوندو آهي، جيڪو نعرو ۽ مقصد
بڻجي ماڻهن جي زبان تي چڙهي ويندو آهي. مشرف دور ۾ پاڻي جي کوٽ تي ڊيمن
وارو سوال اڀريو، جنهن مشرف لاءِ ڏکيائي پيدا ڪئي. نواز ليگ کي 2013ع وارين
چونڊن ۾ ڌانڌلين جو معاملو ڳچيءَ ۾ پيل آهي، نتيجي ۾ چونڊ سڌارا اڻٽر ۽
لازمي آهن. هن وقت تائين جيڪڏهن اهي نه ٿيا آهن ته تاريخ جو جبر آهي، جو
انهن کي روڪيو ويو آهي، پر اهي اڳ پوءِ ٿيڻا آهن. جيڪڏهن اهي سڌارا ٿيڻا
آهن ته عام ووٽر کان وٺي، اسيمبلي ميمبرن جي ووٽن توڙي سينيٽ جي چونڊن
تائين ٿيڻ گهرجن. اها ئي وقت جي تقاضا آهي.
پڇاڙڪا لفظ: هي الائجي ڪهڙي سينيٽ جي چونڊ پئي ٿئي، جنهن ۾ ملڪ جي ڪنهن هڪ
صوبي جو ماڻهو ٻئي صوبي ۾ ووٽ داخل ڪرائي، ان صوبي جي نمائندگي لاءِ سينيٽ
۾ اچي سگهي ٿو. گذريل ڀيري پيپلز پارٽي رحمان ملڪ کي سنڌ مان آندو، هن ڀيري
ايم ڪيو ايم ٻين صوبن جا ماڻهو ڪراچي يعني سنڌ جي ڪوٽا تي آڻي رهي آهي.
نواز ليگ راحيلا مگسي ۽ نهال هاشمي کي سنڌ جي بدران پنجاب جو ڪري ڇڏيو آهي.
سينيٽ صوبن جي نمائنده ۽ وفاق جي علامت طور آهي، جتي سمورن صوبن کي برابري
جي نمائندگي مليل هوندي آهي، پر سياسي پارٽيون سينيٽ ٺاهڻ جي هن اصل جوهر
کي لتاڙي رهيون آهن. جيڪڏهن ڪنهن پارٽي کي ڪنهن صوبي ۾ ووٽ نه مليا آهن ته
ان کي اها حقيقت مڃڻ گهرجي ۽ ان کي زوري ان صوبي جي نمائندگي ڪرڻ بدران اتي
ڪم ڪرڻ گهرجي. اهڙيون پاليسيون ٺاهڻ گهرجن، جو صوبي جا ماڻهو کيس ووٽ ڏين.
پنجاب جو ماڻهو سنڌ جي يا سنڌ جو ماڻهو پنجاب جي نمائندگي ڪيئن ڪندو؟
هيءَ
نمائندگي صوبن جي بدران پارٽي جي نمائندگي آهي. تعجب جي ڳالهه اها آهي ته
ان معاملي تي اليڪشن ڪميشن به خاموش آهي ته وري عدالتون به.
http://kawish.asia/Articles1/Sohail%20Sangi/2015/2015/03%20Mar%202015.htm
Sohail Sangi
Sohail Sangi
No comments:
Post a Comment