سنڌ جي فڪري
پروفائيل ۾ تبديلي ڇو؟
اڱارو 03 فيبروري 2015ع
ڪيترن ماڻهن لاءِ شڪارپور سانحو اوچتو ۽ الڳ ٿلڳ واقعو آهي، جنهن هڪ ئي ڌڪ
۾ 60 انساني جانيون ڳڙڪائي ڇڏيون. اهو صحيح آهي ته ڪراچي کي ڇڏي، باقي سنڌ
۾ رونما ٿيندڙ دهشتگردي، مذهبي انتهاپسنديءَ جو هي پهريون وڏو واقعو آهي،
ورنه اڻ سهپ، تشدد ۽ انتهاپسنديءَ واري اها دونهين گذريل ستن اٺن سالن کان
دُکي رهي هئي، جنهن نيٺ هڻي وڃي هنڌ ڪيو. تعجب جي ڳالهه اها به آهي ته
حڪومت توڙي قانون ۽ ڳجهي ڄاڻ بابت ادارا به ساڳي عام ماڻهو واري ڳالهه ڪري
رهيا ته، ” اڳواٽ اطلاع ڪو نه هو.“
هن وڏي سانحي بنجڻ کان اڳ ڪيترائي ننڍا
وڏا واقعا هن تر ۾ ٿيندا رهيا آهن، جن جو حڪومت ۽ ادارن نه سنجيدگيءَ سان
نوٽيس ورتو ۽ نه ئي وري انهن جي واڌ کي روڪڻ لاءِ ڪي ٺوس اپاءَ ورتا. حڪومت
ٻين خفن ۾ ايتري مصروف رهي، جو هن صورتحال کي ڪو وڏو خطرو نه سمجهيو
.
شڪارپور جي سونهن اُتي جي سُڌريل شهري نظام، ادبي ۽ ثقافتي
ورثو توڙي تاريخ پنهنجي جاءِ تي آهي، جيڪو ڊگهي عرصي تائين اُتساهيندڙ رهيو
آهي. گذريل ٻن ڏهاڪن کان اُتي جي سياسي، سماجي ۽ ان سان گڏوگڏ فڪري لاڙن ۾
وڏي تبديلي ايندي رهي آهي.
1990ع واري ڏهاڪي دوران اوچتو قبائلي جهيڙن وڏي
پئماني تي ڪر کنيو، ٻن کان وڌيڪ برادريون هڪ ٻئي سان جنگ ۾ رهيون. ڪاروڪاري
جي واقعن ۾ به گهڻي واڌ آئي، انهن ٻنهي رُجحانن اڳ موجود ڌاڙيل فيڪٽر کي
وڌائڻ سان گڏ ان کي مضبوط پڻ ڪيو. نتيجي ۾ شڪارپور ضلعي جو ”ساڌ ٻيلو“
ڌاڙيل ٻيلو بڻجي ويو. ڌاڙيل سماجي توڙي سياسي اثر وڌائڻ جو ذريعو بڻجي ويا،
ايئن هن تر ۾ اغوا ۽ ڌاڙا انڊسٽري بڻجي ويا، جن جي پُشت پناهي بااثر ماڻهو
ڪري رهيا هئا.
2000ع واري زماني ۾ تڏهوڪي ايس ايس پي شڪارپور ثناءَ الله
عباسي سنڌ حڪومت کي هڪ تفصيلي رپورٽ جوڙي ڏني هئي ته، ”ٻه ڊزن کن سردارن ۽
برادرين جي ”چڱن مڙسن“ کي گرفتار ڪيو وڃي ته اغوا، ڌاڙا توڙي ڪاروڪاري تان
ماڻهو مارڻ جا واقعا گهٽجي ويندا.“
ان رپورٽ تي ڀوتارن رڙيون ڪيون، اهو
مشرف جو دور هو، ڪو سياسي دور نه هو، پر ڀوتارن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ٿي.
ماڳهين پوليس آفيسر عباسي بدلي ٿي ويو، ايئن بنا ڪنهن رنڊڪ ۽ روڪ جي اهو
سلسلو وڌندو رهيو. نتيجي ۾ هتان جي تعليم، معيشت، ثقافت، سماجي لاڳاپا توڙي
سياست تباهه ٿي وئي. ايئن هڪ مختلف ذهنيت پيدا ٿي، جنهن ۾ نفرت، اڻ سهپ، ڊپ
۽ تشدد وارا عنصر گهر ڪري ويا.
هن تر ۾ مذهبي ڌرين جو اثر اڳ به موجود هو. هن بيگانگيءَ، بي وسيءَ واري
صورتحال ۾، جتي قانون ۽ حڪمرانيءَ جو نالو به نه رهيو، ماڻهن لاءِ مذهبي
ڌريون پنهنجي ملڪ گير نيٽ ورڪ توڙي مقامي سطح تي تنظيمي موجودگيءَ سبب
ماڻهن لاءِ آسرو بڻجي ويون ۽ ان سان مذهبي اثر به وڌيو. ايتري قدر جو
شڪارپور جي ٻهراڙي وارن علائقن مان ڪجهه نوجوان طالبان سان گڏ وڙهڻ لاءِ
افغانستان به ويا. اهڙيون رپورٽون ميڊيا ۾ به شايع ٿيون. ڪجهه سال اڳ جڏهن
ملڪ اندر مختلف هنڌن تي نيٽو جي سپلاءِ ٽينڪرن تي حملا ٿي رهيا هئا، تڏهن
شڪارپور واري علائقي ۾ پڻ اهڙا ٻه ٽي واقعا ٿيا.
سنڌ جي اندرين علائقن ۾ هي
واحد هنڌ هو، جتي اهڙا واقعا ٿي رهيا هئا. تعجب جي ڳالهه اها آهي ته حڪومتي
ادارا سنڌ جي ڪجهه قومپرستن گروپن خلاف ڌماڪن جي ننڍن واقعن جي الزام ۾ وٺ
پڪڙ ڪندا رهيا، پر هن پاسي ڪو ڌيان نه ڏنو. نتيجي ۾ اهو رجحان کان اڳتي وڌي
منظم ۽ نيٽ ورڪ جي شڪل اختيار ڪرڻ لڳو، جنهن جا اُهڃاڻ ان کان پوءِ وارن
واقعن مان ملن ٿا. گذريل ٻن سالن جي لڳ ڀڳ عرصي ۾ شڪارپور واري تر ۾ گهٽ ۾
گهٽ چار انتهاپسنديءَ وارا پُرتشدد واقعا ٿيا آهن. شڪارپور شهر ۾ يوم عاشور
جي جلوس ۾ هڪ شڪي ماڻهو کي ڌماڪيدار مادي سان گرفتار ڪيو ويو.
اڳوڻي ايم
اين اي ۽ وزير ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي مجلس ڪوٺائي ته مٿس حملو ٿيو. صوفياڻي
مڪتب جي پير حسين شاهه تي حملو ڪيو ويو، غازي شاهه جي درگاهه تي حملو ٿيو،
هي مختلف ڪڙيون ملائڻ سان پتو پوي ٿو ته ڪيئن تشدد جا عام واقعا منظم شڪل
اختيار ڪندا ويا ۽ مذهبي فڪر انتهاپسنديءَ جو روپ اختيار ڪندو ويو.
ڏٺو وڃي ته جيئن 1980ع واري ڏهاڪي ۾ پنجاب ۾ مدرسن پکڙڻ شروع ڪيو، اهو ڪم
2000ع کان سنڌ ۾ به شروع ٿيو، جيڪا صورتحال 1990ع واري ڏهاڪي ۾ شروع ٿي، سا
سنڌ ۾ 2007ع کان شروع ٿي وئي. 2013ع جي هڪ سروي مطابق سنڌ صوبي ۾ 12545
مدرسا هئا، جنهن سان 2161 کي خطرناڪ يا فرقيواراڻي کاتي ۾ ڳڻيو ويو هو.
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ان مان 8191 مدرسا 11/9 يعني آمريڪا جي جاڙن ٽاور
تي ٿيل حملي بعد قائم ٿيا. هتي اهو ذڪر ڪرڻ به ضروري آهي ته انهن مان 67
سيڪڙو مدرسن جي مالڪي اهڙن هٿن ۾ آهي، جن جو ڊوميسائيل سنڌ جو ناهي. تڏهوڪن
انگن اکرن موجب انهن مدرسن ۾ ڏيڍ لک ٻار پڙهن ٿا. اهي ڏيڍ لک ٻار فارغ ٿيڻ
بعد ڇا ڪندا؟ اهو هڪ وڏو سوال آهي. گذريل ٻن سالن دوران هزارين ٻار مدرسن
مان تعليم ختم ڪري به نڪتا هوندا.
سنڌ اندر تعليم جي تباهيءَ مدرسن لاءِ جڳهه پيدا ڪئي. خراب حڪمراني ۽ حڪومت
اندر توڙي ٻاهر سياسي ڌرين اهڙو خال پيدا ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ مذهبي
انتهاپسنديءَ وارو اثر وڌيو، ڇاڪاڻ جو ماضيءَ ۾ سنڌ جون ترقي پسند ۽
قومپرست ڌريون سڌي طرح ۽ پنهنجي ذيلي تنظيمن شاگرد ۽ هاري ونگ جي ذريعي عام
ماڻهن تائين ڳوٺن ۽ ننڍن شهرن ۾ پهچنديون هيون ۽ سندن فڪري ۽ سياسي تربيت
ڪنديون هيون،
پر هاڻي ان کي ٻن ڏهاڪن کان مٿي وقت ٿي ويو آهي، جو انهن ڌرين
پنهنجو اهو ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي. اهو رڳو شڪارپور ناهي، جنهن جو فڪري
پروفائيل تبديل ٿيو آهي. اوڻيهه ويهه جي فرق سان سنڌ جي مختلف علائقن جي
فڪري ۽ سماجي شڪل تبديل ٿي آهي. هي اهو ساڳيو لاڙو آهي، جنهن جي اوج اچڻ تي
هندو ڇوڪرين جي اغوا بعد انهن جو مذهب تبديل ڪرايو پيو وڃي، ايئن مذهبي سهپ
۽ هم آهنگي جي لاڙي بدران نفرت، دوري ۽ تشدد جو ماحول جُڙيو آهي.
ڏوهن، انصاف جي نه ملڻ، مين اسٽريم پارٽين جي صورتحال کان لڳاتار بيگانگيءَ
ماڻهن وٽ ٻه آپشن وڃي ڇڏيا. هڪ اهو ته اهي قوم پرست پارٽين سان رجوع ڪن يا
وري نئين مذهبي لاڙي ڏانهن وڃن، جيڪي کين ڏاڍي ڀوتار کان بچائي سگهن ٿا.
قومپرست ۽ ترقي پسند پارٽين جي سر زمين تان غائب هجڻ جي صورت ۾ هنن وٽ ڄڻ
اهو اڪيلو آپشن بيهي رهيو هو.
جڏهن نه حڪومت ۽ رياستي ادارا انهن حالتن کي روڪڻ يا مُنهن ڏيڻ لاءِ ڪو ڪم
ڪري رهيا هئا نه قومپرست ۽ ترقي پسند ڌرين توڙي مين اسٽريم پارٽين طرفان ڪو
سياسي ۽ فڪري ڪم ٿي رهيو هو. دانشور لڏي طرفان به اهڙن اهڃاڻن جي ڪي قدر
نشاندهي ئي رهي، پوءِ ته ڄڻ سازگار حالتون ڪنهن اهڙي واقعي جي انتظار ۾ ئي
هيون. اڃا به وقت آهي، جيڪڏهن اهي ڌريون پنهنجي ذميواري کي محسوس ڪن ۽ هن
خطري کي سنجيدگيءَ سان وٺن ته شايد باقي سنڌ کي وڌيڪ نقصان کان بچائي سگهجي
ٿو.
http://kawish.asia/Articles1/Sohail%20Sangi/2015/2015/03%20Feb%202015.htm
No comments:
Post a Comment