Thursday, June 18, 2015

سياست جو عالمي منظر ۽ افغان پناهگير

 
سياست جو عالمي منظر ۽ افغان پناهگير
 جمع 16 جنوري 2015ع
ٻه هفتا کن اڳ جڏهن ڪابل ۾ نيٽو جي فوجن جو جهنڊو لاٿو پئي ويو، تڏهن واشنگٽن ۾ آمريڪي صدر اوباما اعلان ڪيو ته، ”آمريڪا جي ڊگهي ۾ ڊگهي جنگ ختم ٿي رهي آهي.“ پر ان جنگ ۾ جيت جو ڪو به ذڪر نه هو. اوڏي مهل افغاني ماڻهو ڊپ ۽ عدم استحڪام محسوس ڪري رهيا هئا، ڇاڪاڻ جو هو ڊنل هئا ته طالبان سان ڪنهن ٺاهه بنا معاملو شايد نه هلي سگهي. نيٽو جي فوج نڪرڻ بعد علائقي ۾ ڇا صورتحال ٿي وڃي بيهي، ان بابت رڳو افغان عوام ئي نه، پر هن علائقي ۾ مختلف ملڪن جا ماڻهو ۽ حڪومتون به ڊنل آهن. آمريڪا، جيڪڏهن هڪ دفعو فوج ڪڍي ويو ته هي لاوا جنهن کي مچائڻ ۾ خود آمريڪا جون پاليسيون ملوث رهيون آهن، سي ڪهڙو ممڻ مچائينديون؟

             ڏٺو وڃي ته هن سموري علائقي ۾ حڪمت عمليءَ جي حوالي سان ڪيتريون ئي تبديليون اچي رهيون آهن ۽ مستقبل ۾ ڪيتريون ئي سياسي، معاشي ۽ سماجي تبديليون پڻ متوقع آهن. آرمي چيف جنرل راحيل شريف ٻه هفتا آمريڪا جو دورو ڪيو. هن اُتي آمريڪي فوج جي اعلى ترين عملدارن، پرڏيهي سيڪريٽري ۽ ٻين پرڏيهي توڙي دفاعي پاليسي ساز ادارن سان ملاقاتون پڻ ڪيون، ان بعد وري افغانستان جي گاديءَ واري شهر ڪابل جو پڻ هن دورو ڪيو ۽ هاڻي جنرل راحيل برطانيا ويل آهي، جتي هو علائقي جي سلامتيءَ جي حوالي سان دفاعي ۽ پرڏيهي کاتي جي اعلى عملدارن سان ويچاريندو. آمريڪي پرڏيهي سيڪريٽري جان ڪيري انڊيا ويو هو، هو زور ڀري رهيو آهي ته پاڪستان ۽ انڊيا هڪ ٻئي ڏانهن جهيڙي وارو رويو نه رکن، اهڙو بيان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پڻ ڏنو آهي. ان سڄي منظرنامي ۾ ڏسجي ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسيءَ ۾ ڪجهه تبديليون اچي رهيون آهن، انهن تبديلين جو رُخ ڪهڙي پاسي بيهي ٿو ۽ ان تي پاڪستان ڪيترو قائم رهي ٿو؟ اهو ايندڙ وقت ٻُڌائيندو. 
بهرحال هڪ ڳالهه ضرور آهي ته هن منظرنامي پاڪستان اندر سويلين ۽ جمهوري بالادستيءَ کي هاڃو رسايو آهي. اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي آهي ته سويلين ۽ غير سويلين ۾ وڇوٽيءَ واري ليڪ بهرحال برقرار آهي. مصيبت اها آهي ته سياسي ڌرين طرفان سياسي ۽ جمهوري ڪئمپ جي ايندڙ وقت ۾ مضبوطيءَ لاءِ ڪي به اپاءَ نه پيا ورتا وڃن. اهي ڌريون سياسي ۽ جمهوري ادارن ۽ معاملن جي مضبوطي ته پري جي ڳالهه، پر عوام جي مسئلن کان به پري بيٺل آهن ۽ صورتحال اها آهي ته ملڪ اندر ڏينهون ڏينهن جيئرو رهڻ جي قيمت وڌي رهي آهي.

ملڪ اندر ڪيئي ڏهاڪن کان دٻيل افغان پناهگيرن وارو سوال ٻيهر ڪر کڻي رهيو آهي، سو ان کي هاڻي به اڳ جيان حل نه ڪيو پيو وڃي. گڏيل قومن جو پناهگيرن وارو ادارو چوي ٿو ته، ”پاڪستان ۾ 17 لک افغاني آهن.“ پاڪستان جي ڪن ادارن جي رپورٽن موجب ان جو تعداد 20 لک آهي، پر غير سرڪاري انگ اکر ٻُڌائين ٿا ته رڳو سنڌ اندر 30 لک آهن.

ملڪ جي سلامتيءَ جي حوالي سان تازو جوڙيل 20 نقاطي پاليسيءَ ۾ واعدو ڪيو ويو آهي ته ملڪ اندر رهندڙ سمورن افغان پناهگيرن جي رجسٽريشن ڪئي ويندي ۽ اڳتي کين ڪئمپن تائين محدود ڪيو ويندو. افغان پناهگيرن جي حوالي سان اهو دٻاءُ پشاور واري واقعي جي ڪري ٿيو آهي.

ملڪ جي امن امان وغيره لاءِ افغانين جي موجودگي مسئلو هجي نه هجي، پر سنڌ جي لاءِ وڏو مسئلو آهي، جنهن سبب سنڌ اندر آباديءَ جو تناسب تبديل ٿي رهيو آهي. اصلوڪن باشندن جي هٿن مان ڪاروبار ۽ روزگار جا ذريعا کسجي رهيا آهن ۽ سندن پيرن هيٺان زمين نڪري رهي آهي، ڇاڪاڻ جو اهي افغان پناهگير ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ وڏي پئماني تي نه رڳو آباد آهن، پر اُتي انهن جا ٽرانسپورٽ، اڏاوتن ۽ مشينري وغيره جا ننڍا وڏا ڪاروبار آهن، ان کان علاوه هو ننڍين وڏين غير سرڪاري نوڪرين ۽ روزگار جي موقعن تي پڻ ڇانيل آهن. جيتوڻيڪ گڏيل قومن طرفان افغاني ٻارن لاءِ 100 کن اسڪول آهن ۽ ملڪ اندر سرڪاري توڙي خانگي اسڪولن جا دروازا انهن لاءِ ائين کُليل آهن، جيئن ڪنهن پاڪستان جي شهريت رکندڙ لاءِ هوندا آهن.

جيستائين معاملي جو ثقافتي ۽ سماجي پاسو آهي ته ان تي انهن جي موجودگي گهڻو اثر انداز ٿي آهي. مجموعي طور ڏوهه وڌيا، جهيڙي ۽ تشدد جي رجحان ۾ اضافو ٿيو آهي. شهرن جو مزاج، جيڪو اڳ ۾ نرم هو، سو سخت ٿي ويو، جڏهن ته اڳتي هلي انهن جا سياسي اثر به پوڻ شروع ٿيندا.
وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون بظاهر افغانين کي ڪڍڻ جا سانباها ڏيکارين ٿيون. سنڌ جي ڪجهه شهرن ۾ 2-3 سئو ڄڻن کي حراست ۾ به ورتو ويو. چيو وڃي ٿو ته تازي ڪارروائيءَ دوران مجموعي طور 2 هزار کن افغانين کي افغانستان واپس موڪليو ويو آهي. هڪ ٺاهه تحت اهي افغاني پناهگير ڊسمبر 2015ع تائين پاڪستان ۾ رهي سگهن ٿا، جيڪڏهن سندن پرڏيهين جي رجسٽريشن واري اداري ”نارا“ وٽ رجسٽريشن ٿيل آهي ته اهي ان تحت مقرر مدت تائين قانوني طور رهي سگهن ٿا.
 ان ڏس ۾ چند سوال اهم آهن
 (1) اٽڪل ٽن ڏهاڪن کان پوءِ اوچتو پاڪستان سرڪار کي افغان پناهگيرن کي واپس موڪلڻ جو خيال آيو آهي، ڇا ايتري دير سان کين ملڪ مان نيڪالي ڏئي سگهجي ٿي، جڏهن ته انهن جون معاشي، سماجي، سياسي پاڙون هن ڌرتيءَ ۾ لڳي چڪيون آهن
 (2) ڇا حڪومت ۽ رياستي ادارن هن کان اڳ انهن جي رجسٽريشن لاءِ ڪنهن سنجيدگيءَ سان مهم هلائي هئي؟ ان جو به ڪو ثبوت ڪو نه ٿو ملي. پرڏيهين جي رجسٽريشن واري ”نارا“ جي حيدرآباد، ڪوٽڙي، سکر، بدين وغيره ۾ ڪا آفيس ئي ناهي. هن اداري جون ڪراچي واريون آفيسون به ڪو گهڻو فعال ۽ سرگرم ناهن
 (3) ڇا پاڪستان جي لاءِ اهو ممڪن آهي ته هو واقعي انهن پناهگيرن کي ڪئمپن تائين محدود ڪري ڇڏي؟ ان کان وڏي ڳالهه اها ته هنن جڏهن ڪيئي سالن تائين پاڪستان جي عام شهرين وانگر رهي ڏٺو ته پوءِ هاڻي ڪهڙي خوشيءَ ۾ ڪئمپن ۾ ويندا.
 (4) علائقي جي ٻرندڙ صورتحال ۾ پاڪستان کين ڪيئن ٿو نيڪالي ڏئي سگهي، هو ته عالمي طور تي حساس بڻيل آهن. اهڙين حالتن ۾ عالمي برادري به پاڪستان کي اهڙو قدم کڻڻ نه ڏيندي. ٻيون ڳالهيون ته ڇڏيو، خود جنيوا وارو پناهگيرن بابت ٺاهه پاڪستان کي سوڙهو ڪري وجهندو
 (5) هڪڙا ته افغاني اُهي آهن، جن پاڻ کي پرڏيهي طور رجسٽر ڪرايو آهي، ٻيا اهي آهن، جيڪي اڃا تائين غير قانوني طور تي رهن پيا ۽ هاڻي پاڪستان جو شناختي ڪارڊ ٺهرائين پيا. ٽيان وري هن کان اڳ ئي پاڪستان جو شناختي ڪارڊ حاصل ڪيو ويٺا آهن، انهن کي حڪومت ۽ رياستي  ادارا ڪيئن مُنهن ڏيندا؟

هڪ طرف اهي سوال آهن، ٻئي طرف حڪومتي فيصلو آهي ۽ ٽئين طرف حڪومتي ادارن جو رويو آهي. اهي ٽئي هڪ ٻئي سان ٺهڪندڙ نه ٿا لڳن. جيڪا به ٿوري گهڻي مهم هلي رهي آهي، اها ڏيکاءَ واري آهي، عملي طور تي حڪومتي ۽ رياستي ادارن طرفان جيڪڏهن ڪا پاليسي جوڙي وئي آهي ته ان تي فوري طور تي ۽ هيٺئين سطح تي به باقاعدگيءَ سان عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان جي اثرائتي عمل سان ئي هن ڏهاڪا پراڻي مسئلي کي حل ڪري سگهجي ٿو، ان ڏس ۾ سنڌ حڪومت جو رول به ٺهي ٿو. اڄ جيڪڏهن ايئن نه ڪيو ويو ته ايندڙ ڪيئي ڏهاڪن تائين پاڪستان توڙي سنڌ ان مان جان ڇڏائي نه سگهندا.
http://kawish.asia/Articles1/Sohail%20Sangi/2015/2015/16%20Jan%2015.htm
Sohail Sangi

June 29, 2019 
پاکستان میں وفاقی کابینہ نے اُن افغان مہاجرین کے قیام میں مزید ایک سال کی توسیع دے دی ہے جو پی او آر یعنی پروف آف رجسٹریشن کارڈز کے حامل ہوں جبکہ افغان سٹیزن کارڈز رکھنے والے افغانوں کی رہائش میں رواں سال 31 اکتوبر تک کے لیے توسیع کی گئی ہے۔ دوسری جانب اقوام متحدہ کے ادارہ برائے افغان مہاجرین یو این ایچ سی آر نے پاکستانی حکومت کے اس فیصلے کی تعریف کرتے ہوئے کہا ہے کہ اس سے پریشانی اور غیریقینی کی صورتحال سے دوچار افغان مہاجرین کو سکھ کا سانس لینے کا موقع ملے گا۔
پاکستان میں یو این ایچ سی آر کے ترجمان قیصر آفریدی نے انڈپینڈنٹ اردو کو بتایا کہ ان کا ادارہ ایک سال کی مزید توسیع کے اس فیصلے اور افغانوں کی بہترین مہمانداری کرنے پر پاکستانی حکومت اور عوام کا شکرگزار ہے، جو چار دہائیوں سے یہ سب کچھ کر رہے ہیں۔ ان کا کہنا تھا کہ یواین ایچ سی آر پاکستان کو ان پریشان مہاجرین کے لیے ایک ایسا میزبان تصور کرتی ہے جس کی مثال دی جاسکتی ہے اور کہا کہ ان کا ادارہ اس بہترین کردار کے لیے پاکستان کی مکمل حمایت جاری رکھے گا۔
  یوں تو پاکستان میں رجسٹرڈ افغان مہاجرین کی تعداد ایک اعشاریہ چار ملین یعنی 14 لاکھ ہے لیکن بہت سارے افغان ایسے بھی ہیں جنہوں نے اپنے آپ کو مہاجر کے طور پر رجسٹر نہیں کروایا۔ ایک اندازے کے مطابق ان رجسٹرڈ اور غیر رجسٹرڈ افغانوں کی مجموعی تعداد 40 لاکھ کے لگ بھگ ہے۔ پاکستان نے سال 2017 میں ایسے آٹھ لاکھ افغانوں کو، جو مہاجر کے طور پر پروف آف رجسٹریشن کے حامل نہیں ہیں، کو افغان سٹیزن کارڈ کے ذریعے رجسٹر کیا تھا۔
پاکستان کی وزارت برائے سٹیٹس اینڈ فرنٹیئر ریجنز سے جاری اعلامیے میں کہا گیا ہے کہ وفاقی کابینہ نے سہ فریقی معاہدے کے ساتھ ساتھ پاکستان میں پی او آر کارڈز کے حامل افغانوں کو مزید ایک سال تک قیام کی منظوری دی ہے جبکہ افغان سٹیزن کارڈز کے حامل لوگوں کے لیے مدتِ قیام میں رواں سال کے اکتوبر کی آخری یعنی 31 تاریخ مقرر کی گئی ہے۔ سہ فریقی کمیشن کے بارے میں ایک سوال کے جواب میں ان کا کہنا تھا کہ اس میں افغانستان، پاکستان اور یو این ایچ سی آر کے حکام شامل ہوتے ہیں اور یہ ایک طرح کی گورننگ باڈی کا کام کرتی ہے۔ پاکستان میں سیفران جبکہ افغانستان میں مہاجرین کے وزیر اس کمیشن کے اجلاسوں میں شریک ہوتے ہیں جبکہ دونوں ملکوں میں یو این ایچ سی آر کے حکام اس کمیشن کا حصہ ہوتے ہیں۔ ان کا کہنا تھا کہ کمیشن کا آخری اجلاس چند روز قبل ہی اسلام آباد میں ہوا تھا۔
قیصر آفریدی کا مزید کہنا تھا کہ پاکستان دنیا بھر میں غیرملکی مہاجرین کو پناہ دینے والا دوسرا بڑا ملک ہے جہاں پر 14 لاکھ افغان مہاجرین زندگی گزار رہے ہیں جبکہ دنیا میں سب سے زیادہ مہاجرین کو پناہ دینے والا ملک ترکی ہے جہاں پر 37 لاکھ مہاجر رہائش پذیر ہیں۔
اسلام آباد میں 20 جون کو مہاجرین کے عالمی دن کی مناسبت سے ہونے والی تقریب سے خطاب کے دوران یو این ایچ سی آر کے نمائندوں نے بتایا تھا کہ اس وقت دنیا بھر میں 85 فیصد مہاجرین ترقی پذیر ممالک میں آباد ہیں جبکہ صرف 15 فی صد ترقی یافتہ ممالک میں پناہ لیے ہوئے ہیں۔ پاکستان کے وزیر سیفران شہریار آفریدی نے تقریب سے خطاب کرتے ہوئے اس امر پر افسوس کا اظہار کیا تھا کہ دنیا کے ترقی پذیر ممالک 85 فیصد مہاجرین کا بوجھ اٹھارہے ہیں خصوصاً پاکستان، جسے خود بھی مالی بحران کا سامنا ہے، گذشتہ چار دہائیوں سے اتنی بڑی تعداد میں مہاجرین کو پناہ دیے ہوئے ہے۔
کابینہ اجلاس کے بعد وزارت سیفران سے جاری اعلامیے میں یہ بھی کہا گیا ہے کہ کابینہ نے توسیع کے ساتھ ساتھ 18 جون کو اسلام آباد میں اس حوالے سے ہونے والے سہ فریقی اجلاس کے اعلامیے کی بھی منظوری دی۔ مذکورہ سہ فریقی اجلاس میں پاکستان، افغانستان اور یو این ایچ سی آر کے وفود نے شرکت کی تھی، جس کے اعلامیے میں 40 سال تک اتنی بڑی تعداد میں افغانوں کی مہمانداری کرنے پر اس کے کردار کی تعریف کی گئی تھی۔ اس اجلاس میں ایک بار پھر اس بات کا اعادہ کیا گیا تھا کہ ان افغانوں کو رضاکارانہ اور باعزت طریقے سے وطن واپس لوٹنے کے قابل بنایا جائے گا۔ سہ فریقی اجلاس کے اختتامی بیان میں رضاکارانہ وطن واپس لوٹنے والوں کے لیے رقم میں کمی پر تشویش ظاہر کی گئی تھی اور مطالبہ کیا گیا تھا کہ اس رقم میں اضافہ کیا جائے۔
بعض ذرائع کا کہنا ہے کہ سال 2002 سے اب تک 43 لاکھ افغان مہاجرین رضاکارانہ طور پر واپس لوٹ چکے ہیں جو کہ یو این ایچ سی آر کی تاریخ میں سب سے بڑی رضاکارانہ واپسی سمجھی جارہی ہے۔ ان ذرائع کا یہ بھی کہنا ہے کہ حالیہ برسوں میں سب سے زیادہ افغان سال 2016 میں اُس وقت واپس وطن لوٹے، جب واپس جانے والے ہر افغان کے لیے گرانٹ 200 ڈالر سے بڑھا کر 400 ڈالر کی گئی، تاہم بعد ازاں سال 2017 میں یہ گرانٹ واپس کم کرکے 200 ڈالر فی کس کردی گئی۔ پاکستان کی جانب سے فی کس گرانٹ کو واپس 400 ڈالر کرنے کے لیے کوششیں بھی کی گئیں تاکہ زیادہ سے زیادہ افغان وطن واپس جاسکیں۔

No comments:

Post a Comment